اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم ??ال?? الزابي سان ??ال??ائيندي ڪيو جنهن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم يو اي اي سان پاڪستان جي ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت جو ذڪر ڪندي گڏيل عرب امارات جي ڀائر عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سڄي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن تي روشني وڌي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم گڏيل عرب امارات پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراهم ڪئي ويندڙ امداد ۽ ان حوالي سان فضائي لنگهه قائم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب امارات سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جا گذريل 5 ڏهاڪن کان ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ سيڙپڪاري جو هڪ وڏو ذريعو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Saudi Ambassador calls on Sindh Governor
-
Age limit for PMS exams raised to 35 years
-
Sun of Egypt official entertainment portal
-
الیکٹرانک پی پی تفریحی ویب سائٹس کی بھروسہ مندی
-
Modi sends bouquet, best wishes to Nawaz
-
Pakistan, Afghanistan enjoy cordial relations: FO
-
Criminals take control of provincial capital
-
لکی رٹ انٹرٹینمنٹ آفیشل پلیٹ فارم
-
بورڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
جیک پاٹ سلاٹ مشین آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
GW لاٹری آفیشل گیم ویب سائٹ اور اس میں شمولیت کی تفصیلی معلومات
-
گرین چلی پیپرز آفیشل گیم ویب سائٹ