اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي ق??مت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ح??ومتي ۽ نجي شعبي پاران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا ??ڃن?? جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي ق??متن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سي?? فخر امام، عمر ايوب، اسد عمر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين خاص طور تي اٽي جي ق??مت ۾ استحڪام، کنڊ جي موجوده قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي ق??متن جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم متعارف ٿيڻ تائين اٽي جي ق??متن ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته غريب ماڻهن کي اٽي جي حوالي سان سڌو سنئون سبسڊي جي فراهمي لاءِ مفصل پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اٽي جي خريداري جي حوالي سان معاشري جي ڪمزور طبقن کي ح??ومت پاران سڌو سنئون سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد آهي ته جيئن ان تي مهانگائي جو بار ممڪن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي.
متعلقہ مضامین
-
Four Afghans among 22 nabbed in Islamabad
-
Kharal apprehended in mega corruption cases
-
Pak-China cooperation to boost with TVET institutes
-
Army chief awards heroes of Quetta attack
-
116 ventilators at govt hospitals remain out of order
-
محجونگ روڈ انٹرٹینمنٹ - آپ کا تفریحی مقام
-
Southwest Lottery Rasmi Download Link
-
مسالیدار ایوارڈ آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل رہنمائی
-
بلیک جیک آفیشل گیم کی آفیشل ویب سائٹ کے بارے میں مکمل معلومات
-
ڈیولز فارچیون آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ مکمل تفصیل
-
Baccarat آفیشل گیم آفیشل ویب سائٹ کے ساتھ پریمیئر گیمنگ کا تجربہ
-
تیں بندروں کا بھروسہ مند تفریحی ایپ: خاندانوں کے لیے مکمل تفریح کا پلیٹ فارم